حمود الرحمان، جسٽس

حمود الرحمان، جسٽس

حمود الرحمان جسٽس

حمود الرحمان، جسٽس: نامور قانوندان، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس حمود الرحمان، پهرين نومبر 1910ع تي پٽنا ۾ ڄائو. بي.اي ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد قانون جي اعليٰ تعليم لنڊن جي يونيورسٽيءَ ’گريزن‘ مان حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر؛ 1940ع ۾ ڪلڪتي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر ۽ 1943ع ۾ ڪلڪتي جو ڊپٽي ميئر منتخب ٿيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو قانوني صلاحڪار. 1953ع ۾ اوڀر پاڪستان جو ايڊووڪيٽ جنرل؛ 1954ع ۾ ڍاڪا هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ 1960ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. 21 آڪٽوبر 1968ع تي کيس سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. ان دؤران اعليٰ تعليمي ڪميشن جو چيئرمئن ٿيڻ سميت قانوني اصلاحات ڪميشن جو چيئرمئن ۽ عالمي عدالت جو مصالحتي ميمبر به رهيو. ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان واري سانحي ۽ عام ماڻهن جي قتل عام متعلق سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي اڳوڻي صدر ذوالفقار علي ڀُٽي، جسٽس حمود الرحمان جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميشن جوڙي، جيڪا ’حمودالرحمان ڪميشن‘ نالي سان مشهور ٿي. هن ڪميشن کي ان واقعي سان گڏ ايسٽرن ڪمان جي ڪمانڊر ۽ ٻين فوجي دستن جي هٿيارن ڦٽي ڪرڻ ۽ سرحدن تي جنگبنديءَ جي اصل سببن کي معلوم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. جسٽس حمود الرحمٰن قابل شخصيت جو مالڪ هو. هن مقرر وقت کان اڳ ئي رٽائرمينٽ ورتي. 1979ع ۾ کيس جنرل ضياء الحق پنهنجو قانوني صلاحڪار مقرر ڪيو. هن 20 ڊسمبر 1981ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.11.01  عيسوي

نامور قانوندان، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس حمود الرحمان، پهرين نومبر 1910ع تي پٽنا ۾ ڄائو.


1968.10.21  عيسوي

جسٽس حمود الرحمان کي 21 آڪٽوبر 1968ع تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.


1981.12.20  عيسوي

جسٽس حمود الرحمان 20 ڊسمبر 1981ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنجل مير بحر
ڀڳونتي ناواڻي
امام بخش شمس
شاهه وردي خان
زين نوراني
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
بهاءُ الله بهائي
ابراهيم شاهه جتي ستي
سنگهار علي گڻسار
بابا فريد مسعود گنج شڪر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون